Photography
About Lesson

اڄ جي زماني ۾ ڪاغذ تي ڇاپڻ يا پرنٽ ڪرڻ تمام آسان ٿي ويو آهي  هي سڀ ڪجهہ جديد زماني ۾ آٽوميٽڪ طريقي سان ممڪن آهي، جنهن ۾ مشين کي شايد غلطي ڪرڻ جي گنجائش جا امڪان نہ هئڻ جي برابر آهن. ان جي برعڪس اڄ جي هڪ جديد ڪئميرا جيڪا پاڻ آٽوميٽڪ هوندي بہ ان کي خبر نہ آهي تہ ڪھڙي سبجڪيٽ جو فوٽو ڪڍڻو آهي يا يا ڪھڙي اينگل يا ڪهڙي طرح جي مناسب روشني ۾ فوٽو بهتر ڇڪي سگهبو. مثال جي طور تي ڪئميرا کي اھا خبر نہ آهي تہ پاڻ فلم ڪيئن لوڊ ڪري.

هنن ڪورس جي عنوانن کي جيترو ڌيان سان پڙھندا ۽ سمجھندا اوتروئي توهان بھترين فوٽوگرافي ڪري سگهندا ۽ گهٽ مشڪلات کي منھن ڏيڻو پوندو ۽ توهان فوٽوگرافي کي بهتر نموني ڪري سگهندا.

ھن ڪورس جي لاءِ ھونءَ تہ اعليٰ معيار جي ڪئميرا جي ضرورت پوندي آهي جيڪا هڪ ئي وقت آٽوميٽڪ ۽ مينيوئل طور ڪم ڪندڙ هجي. خير جيڪڏهن توهان وٽ اعليٰ قسم جي معياري ڪئيمرا نہ آهي تہ گهٻرائڻ جي ڳالھہ ڪونھي، جي باوجود بہ توهان (Basic) ڪئيمرا سان سٺا فوٽو ڪڍي سگھو ٿا، ان جي لاءِ صرف توهان کي ڪئميرا جو معلوماتي ڪتابچو هجن ضروري آهي يا توهان کي ڪئيمرا جي فنڪشن جي ڄاڻ هجن گهرجي.

هن عنوان ۾ فلم ڊيلوپنگ ۽ پرنٽنگ ڪرڻ جي لاءِ Darkroom جي ضروري پوندي آهي. اهي ٻئي عمل فلم ڊيولپنگ ۽ پرنٽ ڪرڻ Darkroom ۾ ئي ممڪن ٿي سگهن ٿا.