Photography
About Lesson

اڪثر ڪري ڪئميرا کي هڪ يا ھڪ وڌيڪ بيٽري جي ضرورت ھوندي آهي، توهان چيڪ ڪريو تہ توهان جي ڪئميرا کي ڪھڙي قسم ۽ ڪيتري عدد بيٽري جي ضرورت آهي. بيٽريون اڪثر ڪري مختلف قسمن ۽ سائيز ۾ ملنديون آهن. جيڪڏهن توهان ڪافي وقت کان پنھنجي ڪئميرا استعمال ۾ نہ آندي آهي تہ ممڪن آهي تہ توهان کي نئين بيٽري جي ضرورت پوي.

ھونءِ بہ اڪثر ڪري 35mm جي ڪئميرا لاءِ 36 تصويرن جي فلم جي 25 کان 50 فلم رولز جي بيٽري جو هڪ سيٽ ڪافي هوندو آهي، پر اھو ضروي نہ آھي ڇو تہ ھر ڪئميرا جي ماڊل ۽ ان جي عنصر ۽ ان جي استعمال تي منحصر هوندو آهي.

گهڻو ڪري ڪئميرائن جي LCD ۾ بيٽري جو انڊيڪيٽر ڏسڻ ۾ ايندو آهي، جنهن ۾ خبر پوندي آهي بيٽري ڪيتري باقي استعمال جي قابل آهي. ڪجهہ بيٽريون Re-chargable ھونديون آهن جن کي چارج ڪري وري استعمال جي لائق بڻائبو آهي. اھو ضروري آھي تہ جيڪڏهن بيٽري Re-chargable نہ ھجي تہ پاڻ سان گڏ ڪئيمرا جي بيگ ۾ ڪجهہ وڌيڪ بيٽريون هجڻ گهرجن.

آٽوميٽڪ ڪئميرائن ۾ اڪثر ڪري Power جو بٽڻ ھوندو آهي، جنھن کي آن ڪرڻ سان ڪئميرا آپريٽ ڪرڻ يا استعمال جي قابل ٿيندي آهي.