Photography
About Lesson

بليڪ اينڊ وائيٽ فوٽوگرافي جي لاءِ مختلف قسمن جا فلم موجود آهن. سڀ کان وڌيڪ اھميت جي ڳالھہ اها آھي تہ فلم جي اسپيڊ ۽ ان جي روشني ۾ حساسيت ڪيتري آهي. ھر فلم جو هڪ ISO نمبر ھوندو آهي ان نمبر جو مطلب اھو آھي تہ فلم روشنيءَ ۾ ڪيترو حساس آهي. اھو نمبر جيترو وڏو ھوندو، فلم ايترو ئي روشني ۾ حساس ھوندو.

اسان گهڻو ڪري ھاءِ اسپيڊ فلم ISO 400 يا ان کان وڌيڪ جو استعمال ڪندا آھيون جتي Indoor يا Low Light (جتي فليش نہ ھجي) ھجي. ان سان بهترين فوٽوگرافي ممڪن آھي.

جتي روشني وڌيڪ ھجي يا Outdoor فوٽوگرافي ڪرڻي ھجي اتي Slow Speed Film ڪتب ايندي آھي ISO 200 يا گهٽ اسپيڊ جي فلم جتي روشني وڌيڪ ھجي يا فليش استعمال ڪرڻي ھجي.

35 ملي ميٽر جي فلم (رول) ھڪ سلينڊر جھڙي ڪسيٽ ۾ ويڙھيل ھوندو آهي. ڪئميرا ۾ فلم لوڊ ڪرڻ لاءِ ڪئميرا جي پويان ڍڪڻ کي کولي فلم کي چيمبر ۾ وجهي، ڪسيٽ ۾ ويڙِھيل رول کي آھستي ڇڪي ٻئي پاسي جي خالي چيمبر جي ڏندن ۾ ڦاسائي رول کي ٿورو وڙھي ڪور (ڍڪڻ) کي بند ڪري ڇڏبو آهي.

ڪجهہ ڪئميرائون اھڙيون ھونديون جيڪي فلم کي چيمبر ۾ وجھڻ کان کانپوءِ پاڻ ئي ٻئي پاسي جي چيمبر جي ويڙھجي ويندو آهي. ڪئميرا جي ڍڪڻ کي بند ڪرڻ وقت اھو خيال رکڻ گھرجي تہ هڪ ”ڪلڪ“ جو آواز ايندو آهي. ڪجھہ ڪئميرائون ڪَور بند ڪرڻ سان ئي لوڊ ٿي وينديون آهن، پر ڪجهہ ڪئميرائون اھڙيون بہ آهن جن کي ڍڪڻ بند ڪرڻ کان پوءِ فلم جي رول کي ٿورو اڳتي يعني ھڪ ”ايڪسپوزر“ آڱوٺي سان ساڄي پاسي گهمائڻو پوندو آهي.

ڪجهہ ڪئميرائون تہ اھڙيون بہ ھونديون آهن جنهن ۾ LCD تي باقي رھيل تصويرن جو انگ بہ نظر ايندو. ڪجهہ فلم يا ريل اھڙا هوندا آهن جن تي 24 يا 36 تصوير ڪڍبيون آهن، جنھن کي انگريزي ۾ Exposures چوندا آهن.